رانديون

آسٽريليا پاران افعانستان سان نھ کيڏڻ تي ڪرڪيٽرن ۾ ڪاوڙ

ڪرڪيٽ آسٽريليا پاران افعانستان سان نھ کيڏڻ تي ڪرڪيٽرن ۾ ڪاوڙ پکيڙي ڇڏي آهي، خاص ڪري افغانستان جي ڪرڪيٽرن سخت ردعمل ڏيکاريو آهي. ميڊيا مطابق افغان بالر راشد خان بگ بيش ليگ ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي تھ ڪرڪيٽ کي سياست کان پري رکو، ڇوتھ اهڙي صورتحال ۾ مان بگ بيش ۾ مستقبل بابت سوچيان پيو، ڇوتھ آسٽريليا کي افغانستان سان کيڏڻ ۾ پريشاني ٿئي ٿي تھ مان بگ بيش ۾ رهي پريشاني جو سبب ڇو بڻجان. هوڏانهن ڪرڪيٽر مائيڪل وان سميت پرڏيهي ڪرڪيٽرن پڻ راشد خان جي حمايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي افغان ڪرڪيٽرن حسان خان، محمد نبي، حشمت شاهدي ۽ ٻين پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن تھ صحافڻ اينجلا پريسٽي ۽ لنڊي هلسم پڻ فيصلو ناانصافي قرار ڏنو آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او نڪ هوڪلي وضاحت ڪندي چيو آهي تھ افغانستان سان سيريز جي تياري مڪمل هئي، پر بنيادي حقن جو معاملو سياست ناهي، اسان ان کي ڏسي راند نھ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button