رانديون

عمران خان ۽ رميز سميت ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جي پينشن ۾ واڌ

پي سي بي 2019ع بعد عمران خان ۽ رميز راجا سميت سمورن ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جي پينشن ۾ واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي آخري ڀيرو ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جي پينشن ۾ واڌ 2019ع ۾ ڪئي هئي، جنهن بعد هاڻ وڌندڙ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آئي سربراهه ڪرڪيٽر عمران خان، پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا سميت سمورن ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جي پينشن ۾ ڪيٽيگري سطح تي واڌ ڪئي آهي، جنهن ۾ اي ڪيٽيگري ۾ ڪرڪيٽر 54 هزارن کان هڪ لک 54 هزار تائي، بي ڪيٽيگري ۾ 48 هزارن کان هڪ لک 48 هزار، ڪيٽيگري سي ۾ 42 هزارن کان هڪ لک 42 هزار رپيا ڏنا ويندا. جڏهن تھ عمران خان ۽ رميز راجا سميت 24 رانديگر ماهوار هڪ لک 54 هزار رپيا پينشن کڻندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button