رانديون

ويمن انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي فتح سان شروعات، روانڊا کي شڪست

ويمن انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي فتح سان شروعات ڪندي روانڊا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي ايمان فاطما 11 چوڪن جي مدد سان 60 بالن تي 65 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهي. جڏهن تھ ڪپتان عروب شاهه 29 رنسن تي ناقابل شڪست رهي، ٻين بيٽرن ۾ واردا يوسف 16 رنسون ۽ شاول ذوالفقار هڪ رنسن ٺاهي آئوٽ ٿيون. اهڙي ريت پاڪستان 2 وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوور ۾ هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي. روانڊا جي بيٽرن مان گزلي ايشموي 40 رنسون ٺاهي نمايان رهي، سنٿيا ٽيوزيري 21 ۽ هينريتي ايشموي 20 رنسون ڪيون، سندن 6 بيٽر سنگل ڊجٽ ۾ رهيون. پاڪستاني بالرن مان اريشا نور 2 وڪيٽون ورتيون، زيب النساء، انوشا ناصر ۽ عروب شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button