
پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي گڏيل عرب امارتن جي ڪرڪيٽ بورڊ جي وائيس چيئرمين خالد زروني کي خاطري ڏني آهي تھ انٽرنيشنل ٽي 20 ليگ جي ايندڙ ايڊيشن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر وڏي پيماني تي شريڪ ٿيندا. ياد رهي تھ گذريل سال رانديگرن کي ويزا نھ ملڻ تي يو اي اي بورڊ ناراض هو.