رانديون

ڀارت ۽ بنگلاديش ويمن انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ ميچون کٽي ورتيون

آئي سي سي انڊر 19 ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميگا ايونٽ ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش ويمن ٽيمن پنهنجون پنهجون ميچون کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ۾ هلندڙ ٽي 20 ايونٽ ۾ ڀارت يو اي اي ۽ بنگلاديش سريلنڪا کي هارايو آهي، پهرين ميچ ۾ ڀارت 3 وڪيٽن تي 219 رنسون ڪيون، جنهن ۾ شيفالي ورما 78 ۽ شويتا سحراوت 74 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو. جڏهن تھ موٽ ۾ يو اي اي جي ٽيم 5 وڪيٽن تي 97 رنسون ٺاهي سگهي آهي. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ بنگلاديش ويمن 2 وڪيٽن تي 165 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ عافيا پروٽيشا 53، شورنا اختر 50 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 4 وڪيٽن جي 155 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ وشمي گنارتني 60 ۽ ديومي وهانگا 55 رنسن جي اننگز کيڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button