رانديون

سمٿ جي سينچري، سڊني سڪسرز ايڊيليڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

بگ بيش ليگ جي جاري مقابلن ۾ سڊني سڪسرز جي ٽيم ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سڊني سڪسرز 5 وڪيٽن تي 203 رنسن جو جبل ٺاهي ورتو، جنهن ۾ اسٽيو سمٿ 7 ڇڪا ۽ 5 چوڪا هڻي 101 رنسون ڪيون، جارڊن سلڪ 34 ۽ ڪرٽس پيٽرسن 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اهڙي ريت هدف پويان کيڏندي سڊني اسٽرائيڪرز 144 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ايلڪس ڪيري 54 ۽ ميٿيو شارٽ 40 رنسن جي اننگز کيڏي آهي. جڏهن تھ 9 بيٽر سنگل ڊجٽ ۾ محدود رهيا آهن. هوڏانهن سڊني سڪسدز جي بالرن ٽوڊ مرفي ۽ بين ڊوارشس 3،3 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو، اسٽيو او ڪيف 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button