رانديون

آءِ سي سي رينڪينگ، ون ڊي ۾ بابر جي پهرين پوزيشن خطري ۾ پئجي وئي

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن خطري ۾ پئجي وئي آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب مردن جي ون ڊي بيٽنگ رينڪنگ ۾ ڀارت جو ويرات ڪوهلي 2 درجا مٿي چڙهي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، ويرات ڪوهلي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 2 سينچرين سميت 283 رنسون ٺاهيون هيون. رانديگرن جي رينڪنگ ۾ ڪپتان بابر اعظم 887 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو راسي وين ڊير ڊوسين 766 پوائنٽس سان ٻئين ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 759 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي. اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي 750 پوائنٽس سان چوٿين، ڊيون وارنر 747 پوائنٽس سان پنجين، امام الحق 740 پوائنٽس سان ڇهين نمبر تي آهي. ٻئي طرف ون ڊي ٽيم رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي سيريز ۾ 1-2 تان شڪست ڏئي پهرين پوزيشن تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪري 117 رينڪنگ پوائنٽس سان ٽاپ تي آهي، جڏهن ته پاڪستان پنجين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button