رانديون

رونالڊو پاران النصر ڪلب جي ڪپتان طور ڪاميابي سان شروعات

فٽبال جي دنيا جي وڏي نالي ڪرسٽيانو رونالڊو کي النصر ڪلب جي ڪپتان طور ڪاميابي سان شروعات ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي فٽبال ڪلب النصر سان مهانگو ترين معاهدو ڪرڻ بعد ڪپتان طور پهرين ميچ الاتفاق ڪلب جي ٽيم خلاف کيڏي آهي، جنهن سندس ٽيم مخالف الاتفاق کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏني آهي، پر هن ميچ ۾ رونالڊو ڪوبھ گول نھ ڪري سگهيو آهي. ياد رهي تھ ڪرسٽيانو رونالڊو ٻن ميچن جي پابندي ختم ٿيڻ بعد ليونل ميسي جي پي ايس جي خلاف کيڏيل ميچ ۾ شڪست کاڌي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button