رانديون

رونالڊو بعد ميسي جي بھ سعودي ڪلب ۾ شموليت جو امڪان

فٽبال جي دنيا جي ليجنڊ ليونل ميسي جي بھ سعودي عرب جي ڪلب ۾ شموليت جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪرسٽيانو رونالڊو بعد ليونل ميسي جي سعودي ڪلب ۾ شموليت جا امڪان ان ڪري بھ وڌي ويا آهن جو ميسي سندس موجودا ڪلب پي ايس جي سان معاهدو ختم ٿي رهيو آهي ۽ هن معاهدي ۾ واڌ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سعودي عرب فٽبال فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري ابراهيم الڪاسم ميسي کي آڻڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. ابراهيم الڪاسم جو چوڻ آهي تھ ميسي سعودي آيو تھ ڀليڪار چوندس،پر مون کي هن وقت سندس اچڻ بابت ڪا ڄاڻ ناهي. هن چيو تھ خواهش آهي تھ رونالڊو ۽ ميسي کي هڪ ئي ليگ ۾ ڏسان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button