رانديون

وهاب رياض جي رميز راجا جي دور ۾ سليڪشن تي تنقيد

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر وهاب رياض پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا جي دور ۾ ٽيم جي ٿيندڙ سليڪشن تي تنقيد ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ چيف سلڪيٽر طور محمد وسيم خراب سليڪشن ڪئي، ڇوتھ سرفراز احمد ۽ شعيب ملڪ نظرانداز ٿيا. هن چيو تھ عماد وسيم، شعيب ملڪ ۽ سرفراز احمد کي سليڪٽ نھ ڪرڻ جو ڪو جواز نظر نھ پئي آيو. هن ٻڌايو تھ رميز راجا وٽ حتمي اٿارٽي هي، کيس چيف سليڪٽر سان ان معاملي تي ڳالهائڻ کپي ها. هن نجم سيٺي جي پي سي بي ۾ اچڻ جي آجيان ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button