
سعودي فٽبال ڪلب النصر ۾ تازو ئي شامل ٿيندڙ ليجنڊ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو کي ڪلب جي ڪوچ سپر ڪپ جي سيمي فائنل ۾ شڪست جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي النصر جي ڪوچ روڊي گارشيا جو چوڻ هو تھ سيمي فائنل واري ميچ جي پهرين هاف ۾ رونالڊو گول ڪرڻ دوران تمام گهڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو، جنهن سبب ٽيم ايونٽ مان ٻاهر نڪري وئي، اهو گول ٿيڻ سان ميچ جي صورتحال مختلف هجي ها.