پاڪستانسنڌ

غريبن کي دال به نه ملندي، ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جو ذخيرو بچيو

ڪراچي جي هول سيل واپارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن بندرگاهه تي دالين کي فوري طور ڪليئرنس نه ملي ته سڄي ملڪ ۾ دالين جو بحران پيدا ٿي ويندو. ايڪسپريس نيوز موجب هول سيل مارڪيٽ ۾ دالين جو صرف 15 ڏينهن جو ذخيرو بچيو آهي، هول سيل ڊيلرز جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ باوجود اسان جا ڪنٽينر نٿا ڇڏيا وڃن، جنهن سبب دالين جا هزارين ڪنٽينر بندرگاهه تي ڦاٿل آهن ۽ مارڪيٽ ۾ دال جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڊيلرن موجب رمضان المبارڪ ويجهو اچڻ ڪري دالين جي طلب وڌي وئي آهي ۽ هاڻي رمضان المبارڪ ۾ شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ڇو ته امپورٽ ٿيل شين جي ڪنٽينر تي دير وارو هرجاڻو معاف نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب شين جا اگهه 25 سيڪڙو وڌي ويا آهن، جيڪڏهن سامان بروقت ڪليئر ڪيو وڃي ته دالين جي اگهن ۾ 100 رپيا في ڪلو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button