![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2023/01/axer-patel-and-wife-e1674910532117-780x470.jpg)
ڀارتي ڪرڪيٽر ڪي ايل راهول بعد آل رائونڊر اڪشٽر پٽيل شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو آهي. ميڊيا مطابق اڪشر پٽيل سماجي رابطن واري پيج تي شادي جون تصويرون شيئر ڪندي مداحن کي آگاهي ڏني آهي تھ هن 26 جنوري تي پراڻي دوست ۽ مڱيندي ميها سان پرڻو ڪيو آهي. هوڏانهن ساٿي ڪرڪيٽرن ۽ مداحن پاران اڪشر پٽيل کي شادي ڪرڻ تي مبارڪن ڏيڻ وارا پيغام ملي رهيا آهن.