رانديون

حسن علي جي زال پاڪستان مان ڌمڪين کي ڪوڙو قرار ڏنو

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر حسن علي جي زال ساميھ آرزو ساڻس منسوب ڌمڪين ملڻ واري دعوا کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ جي پيج تي ساميھ آرزو جي نالي سان ٺهيل اڪائونٽ ذريعي کيس ڌي سميت ڌمڪين ملڻ جي دعوا ڪئي وئي. جڏهن تھ اڪائونٽ تان ساميھ پاڻ کي غدار ڪوٺڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڀارت منتقل ٿي وڃڻ جي ڌمڪي ڏني. هوڏانهن ساميھ آرزو پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان ٻڌايو تھ منهنجي نالي سان ٺاهيل اڪائونٽ جعلي آهي، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ٿي، مون رپورٽ ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن حسن جي والد عبدالعزيز جو چوڻ هو تھ حسن علي اڳ بھ هيرو هو هاڻ بھ آهي، سڄي ٽيم بھ اڳتي ايندي..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button