
آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ويمنز ڊبل جي فائنل جو مقابلو چيڪ ريپبلڪ جي ٽينس اسٽار جوڙي باربورا ڪريجڪوف ۽ ڪيٽرينا سنياڪوف کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق باربورا ڪريجڪوف ۽ ڪيٽرينا سنياڪوف فائنل جي مقابلي ۾ جاپان جي مخالف رانديگرياڻين شوڪو آئوياما ۽ اينا شيباهارا کي 6، 4 ۽ 6، 3 جي پوائينٽس تان شڪست ڏئي فائنل ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.