رانديون

ڪوئٽا ۾ نمائشي ميچ جي ٽڪيٽن جو وڪرو شروع، اگهه 20 رپيا مقرر

ڪوئٽا ۾ پي ايس ايل ٽيمن وچ ۾ نمائشي ميچ جون ٽڪيٽون وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن جو رڳو اگهه 20 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل سيزن 8 جي تيارين جي سلسلي ۾ 5 فيبروري تي رٿيل نمائشي ميچ ۾ پرڏيهي رانديگر نھ هوندا. جڏهن تھ ڪوئٽا گليڊئٽرز ۽ پشاور زلمي جي ٽيمن ۾ شيڊول ميچ ۾ ٽيمن جي قيادت ڪندا بابراعظم ۽ سرفراز احمد حوالي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ميچ ۾ شاهد آفريدي سميت مشهور ڪرڪيٽر کيڏندا، شاهين شاهه شادي جي تيارين سبب ميچ نھ کيڏندو. جڏهن تھ پي سي بي نمائشي ميچ ۾ ماڻهن جي دلچسپي ۽ تعداد کي وڌائڻ خاطر ٽڪيٽ کي صفا سستو رکي ڇڏيو آهي تھ جيئن اسٽيڊيم ڀرجي سگهي. هوڏانهن ٽڪيٽن کي بلوچستان ۾ 4 هنڌن تي وڪري خاطر رکيو ويو آهي، جتان ڪرڪيٽ جا شوقين بگٽي ۽ بولان اسٽيڊيم سميت 4 جڳهين تان وٺي سگهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button