![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2023/01/sania-mirza-7-e1675170114561-780x470.jpg)
ڀارت جي مشهور ٽينس اسٽار ثانيا مرزا آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي پڄاڻي تي رٽائرمينٽ وٺڻ بعد جيئن گهر پهتي تھ مڙس شعيب ملڪ سان ڀاڪر پائي ملي آهي. ميڊيا مطابق ثانيا مرزا جي آسٽريليا مان دبئي واري فارم هائوس پهتي تھ مڙس سميت دوستن آجيان ڪئي، جنهن دوران مڙس پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ بھ موجود هو، جنهن زال ثانيا مرزا کي گهر اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو چئي گل بھ ڏنا ۽ ڀاڪر پاتو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ طلاق جي افواهن وچ ۾ ثانيا ۽ شعيب جي ڀاڪر پائي ملڻ سان مداحن جا شڪ بھ ختم ٿي ويا آهن. هوڏانهن ٽينس تان رٽائرمينٽ وٺڻ تي بالي ووڊ دوستن ڪاجول، اڀيشڪ بچن، ديا مرزا، فرحا خان، انيل ڪپور، رتيش ديشمک ۽ ٻين ڀليڪار چئي آهي.