
انگلينڊ جي بيٽر ايلڪس هيلز پنهنجي ملڪي ٽيم سان گڏ بنگلاديش خلاف سيريز بدران پي ايس ايل کيڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ايلڪس هيلز اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪندو، جتي کيس مجموعي طور هڪ لک 80 هزار پائونڊ معاوضو ڏنو ويندو. جڏهن تھ سيريز ۾ کيس ساڍا 7 هزار پائونڊ ملن ها.