رانديون

ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ جي اسپانسرشپ سعودي کي ملڻ تي تڪرار

ويمنز فٽبال ورلڊ ڪپ جي اسپانسرشپ سعودي کي ملڻ تي تڪرار پيدا ٿي پيو آهي، جنهن جو اظهار نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جين فٽبال تنظيمن فيفا کي خط لکي ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق فيفا پاران سعودي عرب جي سياحت کاتي کي اسپانسرشپ ڏيڻ جو اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، پر ان جو باضابطا اعلان اڃا ٿيڻو آهي. هوڏانهن نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا فيفا جي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ وضاحت بھ گهري ورتي، جن فيفا کي خط لکي چيو آهي تھ اسان سان مشورو نھ ڪيو ويو، جنهن تي مايوسي ٿي آهي. هوڏانهن سعودي عرب تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي الزامن سبب عالمي تنظيمن جي بھ تنقيد ڪئي آهي. جڏهن تھ ايمنسٽي انٽرنيشنل فيفا کي خط لکي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ اهو راند جو استحصال آهي. ياد رهي تھ ايونٽ 20 جولائي کان 20 آگسٽ تائين آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button