رانديون

راندين جي وزير وهاب رياض کي ٽائيٽ ڪرڻو پوندو، بابر اعظم جي ڌمڪي

قومي ٽيم ۽ پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم پنجاب ۾ راندين جي نگران صوبائي وزير وهاب رياض کي ڀوڳن ڀوڳن ۾ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسپورٽس منسٽر کي ٿورو ٽائيٽ ڪرڻو پوندو. سوشل ميڊيا تي پي سي بي جي پوڊ ڪاسٽ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان طور ويچار ونڊيندي بابر اعظم چيو ته وهاب رياض سينيئر ۽ وڏو تجربو رکندڙ ڪرڪيٽر آهي پر جڏهن ميدان ۾ لهنداسين ته سندس نٽ بولٽ ٽائيٽ ڪرڻا پوندا، وهاب شين کي چڱي نموني سمجهي ٿو ۽ مان ڪوشش ڪندس ته پشاور زلمي ٽيم ۾ هو سٺي نموني هلي نه ته کيس ٽائيٽ ڪندس، ڇاڪاڻ ته وهاب سان ڪڏهن ڪڏهن ٿوري گهڻي نرمي گرمي ٿي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button