رانديون

پي ايس ايل 8 جي تياري، ٽڪيٽن جو وڪرو شروع، سڀاڻي نمائشي ميچ ٿيندي

پي سي بي هن ڀيري پي ايس ايل سيزن 8 جي ايونٽ کي منفرد بنائڻ خاطر نئين ٽرافي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن تھ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 8 جي تيارين جي سلسلي ۾ سڀاڻي ڪوئٽا ۾ نمائشي ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ پي ايس ايل جا اسٽار حصو وٺي رهيا آهن. هوڏانهن پاڪستان جي ميگا ايونٽ جي ٽي 20 ليگ جو ميلو سجائڻ ۾ باقي ٽي ڏينهن رهيا آهن، جنهن سبب بي پي ايل ۾ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن بھ واپسي ڪري ورتي آهي، باقي ڪرڪيٽر پڻ 8 فيبروري تائين واپس اچي ويندا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پي ايس ايل 8 جي نئين ٽرافي تيار ڪرڻ بعد ان جو افتتاح پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ سمورين فرنچائيزز جا ڪپتان گڏجي ڪندا. ٻئي پاسي پي سي بي ايونٽ جون ٽڪيٽون وڪري لا ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيون آهن، جيڪي 1800، راوالپنڊي ۾ 1000، ڪراچي ۽ ملتان ۾ 650 کان 1000 رپين ۾ وڪرو ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button