رانديون

ڪوئٽا ۾ نمائشي ميچ دوران رانديگرن تي پٿرن جو وسڪارو، راند ڪجهه دير روڪي وئي

پي ايس ايل سيزن 8 جي نمائشي ميچ ڪوئٽا ۾ جاري آهي، پر ان کان اڳ ميچ شروع ٿيڻ بعد تماشائين رانديگرن تي پٿرن جو وسڪارو ڪري ڏنو، جنهن سبب راند کي ڪجهه دير تائين روڪيو ويو هو. ميڊيا مطابق ڪوئٽا گليڊيئٽرز ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ نمائشي ميچ جاري هئي تھ اوچتو تماشائين رانديگرن تي پٿر وسائي ڇڏيا، جنهن سبب بدنظمي جي ڪري ڪجهه وقت تائين راند کي روڪيو ويو، جنهن بعد سيڪيورٽي تماشائين تي ڪنٽرول ڪري ميچ کي پرامن ماحول ۾ جاري رکرايو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پٿر اڇلڻ دوران خوشقسمتي سان ڪوبھ رانديگر زخمي ناهي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button