رانديون

سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ ويمنز ٽيمن وارم اپ ميچون کٽي ورتيون

ٽي 20 ويمن ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ وارم اپ ميچن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ويمن ٽيم وارم اپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ويمن کي 32 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ويمن ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ نيوزيلينڊ 5 وڪيٽن تي 123 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ميڊي گرين 47 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، سوزي بيٽس 30، بروڪ هيلي ڊي 24 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جون بيٽر 7 وڪيٽون تي 91 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ شيمين ڪيمپبيل 26، چنيل هينري 23 رنسن سان نمايان رهيون. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ سريلنڪا سخت مقابلي بعد رڳو 2 رنسن تان آئرلينڊ ويمن کان ميچ کٽي ورتي، سريلنڪا 5 وڪيٽن تي 147 رنسون ٺاهيون، آئرلينڊ ويمن 145 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button