رانديون

آسٽريليا جي ٽي 20 ڪپتان فنچ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آسٽريليا جي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايرون فنچ گذريل سال ون ڊي جي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺي چڪو آهي، جنهن هاڻ ٽي 20 تان بھ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايرون فنچ جو چوڻ هو تھ 2924ع ورلڊ ڪپ ۾ حصو نھ وٺندس، سٺين يادن سان الوداع ڪرڻ چاهيان ٿو. هن ٻڌايو تھ 2021ع ۾ پهريون ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيو، 2015ع ۾ هوم گرائونڊ تي ون ڊي ورلڊ ڪپ کٽڻ سٺًين يادن ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button