رانديون

ترڪيا ۾ زلزلو: ڏيهي ۽ پرڏيهي رانديگر ملبي ۾ ڦاسي پيا، ڪيترائي اڃا گم

ترڪيا ۾ ٻھ ڏينهن اڳ آيل زلزلي ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي رانديگر ملبي ۾ ڦاسي پيا آهن، جن مان ڪيترائي اڃا تائين گم آهن. ميڊيا مطابق ملڪ ۾ 7.8 جي شدت سان آيل زلزلي ۾ جتي ٻين شعب جي ماڻهن جي نقصان جو اندازو لڳايو ويو آهي، اتي راندين سان لاڳاپيل ماڻهو پڻ شديد نموني متاثر ٿيا آهن، جن مان گهانا جي اڳوڻي فٽبالر ڪرسچن آسو کي ملبي مان زندا حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي، سندس ڄنگهه زخمي ٿي آهي ۽ ساهه ۾ پڻ تڪليف هئي، تنهنڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. هن تازو ئي ترڪ ڪلب کي جوائن ڪيو هو. جڏهن تھ زلزلي بعد سندس ترڪ فٽبال ڪلب جا ڪيترا ئي رانديگرن بچايا ويا آهن. هوڏانهن ترڪ گول ڪيپر ايوب ترڪسلان اڃا بھ ملبي ۾ دٻيل هجڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن تھ اولمپڪ چيمپيئن ريسلر طحٰه خدشو ڏيکاريو آهي تھ 30 کان 40 رانديگر ڊٿل عمارتن جي ملبي ۾ ڦاٿل آهن. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي تھ مردن جي والي بال ٽيم ۽ ڇوڪرين جي انڊر 14 اسڪواڊ جون رانديگرياڻيون بھ گم آهن، جن جي پڻ ملبي ۾ دٻجڻ جو شڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button