رانديون

جديجا جا 5 شڪار، آسٽريليا پهرين ڏينهن ئي 177 رنسن تي آئوٽ

ڀارت جي دوري تي پهتل آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن تي رڳو 177 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، رويندر جديجا 5 وڪٽون وٺي ڪينگروز جي اننگز کي محدود ڪري ڇڏيو. ميڊيا مطابق ناگپور جي ميدان تي جاري پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريليا جا اوپنر ڊيوڊ وارنر ۽ عثمان خواجا هڪ، هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد ليبوشين 49 ۽ اسٽيو سمٿ 37 رنسن جي اننگز کيڏي ڪجهه سهارو ڏنو، پيٽر هينڊسڪومب 31 ۽ ايلڪس ڪيري 36 رنسن سان اسڪور اڳتي وڌايو. جڏهن تھ مجموعي طور 3 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ۽ پيٽ ڪمنز 6 رنسون ٺاهيون. ڀارتي بالرن مان رويندر جديجا 5، روي چندرن ايشون 3، محمد شمي ۽ محمد سراج هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڀارتي ٽيم هڪ وڪيٽ وڃائي 77 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، ڪپتان روهت شرما 56 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي، ڪي ايل راهول 20 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button