رانديون

پي ايس ايل 8 جي ٽرافي جو مهورت، ميدان تيار، مقابلن ۾ باقي 4 ڏينهن

پي ايس ايل سيزن 8 جي نئين تيار ڪيو ٽرافي جو مهورت لاهور ۾ ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ ڇڪن ۽ چوڪن جي برسات وسائڻ واري ايونٽ جو ميدان تيار ڪيو ويو آهي ۽ مقابلن ۾ باقي 4 ڏينهن وڃي رهيا آهن. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 8 جي ٽرافي کي 9907 زرغوني هيرن سان تيار ڪيو ويو، وڏو اسٽار 24 قيراط سون جو استعمال ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ ٽرافي جو مهورت پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ فرنچائيز نمائندن گڏجي لاهور جي شاليمار باغ واري تاريخي چبوتري ۾ ڪيو آهي.

پي ايس ايل جي ٽرافي جو مهورت ڪيو پيو وڃي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سيزن 7 واري ٽرافي کي ٻيهر استعمال نھ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي ۽ اها ٽرافي دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز وٽ ئي رهندي. هوڏانهن پي ايس ايل ٽي 20 ليگ جو افتتاح 13 فيبروري تي ملتان ۾ ٿيندو،

پي ايس ايل جي نئين ٽرافي

جنهن جو فائنل 19 مارچ تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو. جڏهن تھُ پهرين ميچ لاهور قلندر ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button