رانديون

انٽرنيشنل ليگ ٽي 20 ۾ گلف جائينٽس فائنل ۾ پهچي وئي

ورلڊ انٽرنيشنل ليگ ٽي 20 ۾ گلف جائينٽس جي ٽيم ايم آئي ايمريٽس کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق دبئي ۾ جاري ايونٽ دوران ٻئي ڪواليفائر ۾ گلف جائينٽس 4 وڪيٽن تان ايم آئي ايمريٽس کي هارايو آهي. ايم آئي ايمريٽس پهرين کيڏندي 5 وڪيٽن تي 167 رنسون ٺاهيون، ڪيرون پولارڊ 57 رنسن سان نمايان رهيو، محمد وسيم 31، نڪولس پوران 29 رنسون ڪيون. گلف جائينٽس جي ٽيم جيمز ونس جي 83 رنسن جي مدد سان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 19 اوور ۾ هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button