رانديون

بنگلاديش خلاف ورلڊ ڪپ وارو اسڪواڊ آزمائڻ جو امڪان

بنگلاديش جي دوري ۾ ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ واري پاور بينچ يعني اسڪواڊ کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي تھ ٽيم مينيجيمنٽ فيصلو ڪيو آهي تھ هن دوري ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ نھ کيڏي سگهندڙ ڪرڪيٽرن کي دوري ۾ موقعو ڏنو ويندو، تھ جيئن انهن جي صلاحيتن جو هنر نکارجي ٻاهر اچي سگهي. هوڏانهن امڪان آهي تھ شاهنواز ڏاهاڻي، خوشدل شاهه، حيدر علي، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر ۽ عثمان قادر کي بنگلاديش خلاف کيڏايو ويندو.

بنگلاديشي بورڊ جو ڊاڪٽر پاڪستاني ٽيم جو علاج ڪندو

بنگلاديش جي دوري تي پهتل پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ميڊيڪل جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڏس ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو ڊاڪٽر منظور چوڌري پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي طبي مسئلن کي تپاسڻ جو ذميوار پڻ هوندو، ڇوتھ ڊاڪٽر نجيب سومرو ڏيهه هليو آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button