رانديون

ناگپور ٽيسٽ ۾ ڀارت هٿان آسٽريليا کي اننگز ۽ 132 رنسن تان شڪست

ڀارت ناگپور ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي اننگز ۽ 132 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي بيٽر پهرين اننگز ۾ آسٽريليا جي 177 رنسن جي ڀيٽ ۾ 400 رنسن جو جبل ٺاهي ورتو، جنهن ۾ رويندر جديجا 70 ۽ اڪشر پتيل 84 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم جي فتح جا بنياد رکي ڇڏيا. جڏهن تھ آسٽريلوي بالر ٽوڊ مرفي 7 وڪيٽون وٺڻ باوجود ڀارت کي وڏي اسڪور کان روڪڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام رهيو، پيٽ ڪمنز بھ 2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن آسٽريلوي بيٽر ٻي اننگز ۾ 91 رنسن جي اسڪور تي ڍير ٿي ويا، جنهن ۾ اسٽيو سمٿ 25، مارنس ليبوشين 17، ڊيوڊ وارنر ۽ ايلڪس ڪيري 10،10 رنسون ٺاهيون، جنهن بعد ٽيم جا 6 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا. ڀارتي بالرن مان رويندر جديجا جي پهرين اننگز ۾ 5 وڪيٽن بعد ٻي اننگز ۾ روي چندرن ايشون 5 شڪار ڪيا آهن. جڏهن تھ محمد شمي ۽ جديجا 2،2 وڪيٽون ورتيون، هڪ بيٽر کي اڪشر پٽيل آئوٽ ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button