رانديون

پي ايس ايل 8 جا مقابلا سڀاڻي کان شروع، ملتان ۾ افتتاح ٿيندو

پي ايس ايل سيزن 8 جا مقابلا سڀاڻي کان شروع ٿي رهيا آهن، جنهن جو رنگا رنگ افتتاح ملتان ۾ ڪيو ويندو. جڏهن تھ پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز جي ٽيمن ۾ کيڏي ويندي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 8 جي ميگا ڊوميسٽڪ ٽي 20 ايونٽ جي افتتاحي تقريب ۾ آئما بيگ، ساحر بگا، شائي گل سميت مشهور فنڪار سرن جي ورکا ڪندا، جنهن دوران روشنين کي پڻ نڇاور ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پي ايس ايل 8 ۾ ڪراچي ۾ 9 مقابلا ڪرايا ويندا، پنڊي ايونٽ جي 11 ميچن جي ميزباني ڪندو، ملتان ۾ 5 ميچون ٿينديون. اهڙي ريت لاهور ۾ ڪواليفائر، 2 ايليمنيٽر ۽ فائنل سان گڏ ٽيمن وچ ۾ 5 رائونڊ اهم مقابلن جو ميدان تيار ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ پي ايس ايل 8 جي مقابلن دوران ئي 8 مارچ، 10 مارچ ۽ 11 مارچ تي پاڪستان ويمن ليگ جون نمائشي ميچن جو شيڊول بھ رٿيو ويو آهي. هوڏانهن ايونٽ ۾ شامل لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي، ملتان سلطانز محمد رضوان، ڪراچي ڪنگز عماد وسيم، ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد، اسلام آباد يونائيٽڊ شاداب خان ۽ پشاور زلمي جي ڪپتان بابراعظم ايونٽ ۾ شاندار پرفارمنس ڏيڻ جون عزم ڏيکاريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button