رانديون

ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو

) ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش ويمن ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن تي 126 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سوڀانا موستري 29، نگار سلطانا 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. جڏهن تھ سريلنڪن بالرن ۾ اوشاڊي سنگهي 3 ۽ چماري اتاپٽو 2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن سريلنڪن بيٽرن 19 اوور ۾ 3 وڪيٽن تي هدف ماڻي ورتو، جنهن ۾ اوپنر هرشيتا سماروڪرما 69، نيلاڪشي ڊي سلوا 41 ۽ چماري اتاپٽو 15 رنسن سان نمايان رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button