رانديون

سن رائيزرز ڏکڻ آفريقي ليگ جي پهرين چيمپئن بڻجي وئي

ڏکڻ آفريقا ٽي 20 ليگ جي فائنل ۾ سن رائيزرز ايسٽرن جي ٽيم پريٽوريا ڪيپيٽلز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ليگ جي پهرين چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق پريٽيوريا ڪيپيٽلز جي ٽيم آخري اوور ۾ 135 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪوشل ميڊس 21 ۽ رائو روسو 19 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن تھ مخالف ٽيم جي روئيلوف وين ڊير مروي 4 وڪيٽون ورتيون. اهڙي ريت سن رائيزرز ايسٽرن جي ٽيم 17 اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي هدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن ۾ ايڊم روسنگٽن 57 ۽ روئيلوف وين ڊير مروي 31 رنسون ٺاهي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button