
انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اين مورگن هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اين مورگن 2006ع ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ کان ڪيريئر شروع ڪيو، هن 248 ون ڊي کيڏي 7701 رنسون ڪيون، جڏهن تھ 115 ٽي 20 ميچن ۾ 2458 رنسن سان بهترين رهيو ۽ 16 ٽيسٽ ميچن ۾ 700 رنسون ٺاهيون. اين مورگن جو چوڻ آهي تھ ڪرڪيٽ مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو، وقت اچي ويو آهي تھ الوداع چوان، ڇوتھ هي درست وقت آهي.