رانديون

چيف ڪوچ لاءِ مڪي آرٿر سان 80 سيڪڙو معاملا حل ٿي ويا آهن: نجم سيٺي

ڪراچي: پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ايشيا ڪپ بابت سندس چپ سبيل آهن، حتمي فيصلو مارچ ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ ٿيندو. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته ايشيا ڪپ بابت اڃا فيصلو نه ٿيو آهي، ميگا ايونٽ بابت جلد فيصلو ڪيو ويندو. بحرين ۾ ٿيل ملاقات جي حوالي سان مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف ڪوچ لاءِ مڪي آرٿر سان 80 سيڪڙو معاملا حل ٿي ويا آهن. اڳوڻو هيڊ ڪوچ ايندڙ 10 کان 12 ڏينهن ۾ پاڪستان پهچندو، سپورٽنگ اسٽاف به سندس پسند جو هوندو.

سندس فيصلي کانپوءِ ئي نالا سامهون ايندا. پاڪستان سپر ليگ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پي ايس ايل لاءِ چئن هنڌن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، ڪم جاري آهي، ايندڙ سال پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ به ليگ ميچون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ڪوئيٽا جي بگٽي اسٽيڊيم ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو. ڪوئيٽا مان تمام سٺو جواب آيو. منهنجي خواهش آهي ته ايندڙ سال پي ايس ايل جون ميچون ڪوئيٽا ۾ ڪرايون وڃن، پي ايس جي جون ميچون پشاور ۾ به ڪرايون وڃن، جيڪڏهن ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت اسٽيڊيم اسان جي حوالي ڪري ته ان جي حالت بهتر ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button