رانديون

آئرلينڊ ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ مان آئوٽ، ويسٽ انڊيز ميچ کٽي ورتي

آئرلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز ويمن هٿان شڪست کائڻ بعد ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ مان نڪري وئي آهي. ميڊيا مطابق آئرلينڊ جي ٽيم 9 وڪيٽن تي 137 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اورلا پرينڊرگيسٽ 61، گيبي ليوس 38 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ بيٽرن مان 3 ٻڙي ۽ 3 سنگل ڊجيٽ ۾ آئوٽ ٿي ويون. ويسٽ انڊيز ويمن ٽيم هدف 4 وڪيٽن تي 140 رنسن سان آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو، جنهن ۾ هيلي ميٿيوز 66، چينلي هينري 34 رنسن سان نمايان رهيون. آئرلينڊ جي ٽيم ڪابھ ميچ نھ کٽڻ سبب ايونٽ مان نڪري وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button