رانديون

يو اي اي ون ڊي ۾ هڪ وڪيٽ تان نميبيا کي شڪست ڏئي ڇڏي

گڏيل عرب امارتن جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽھ ملڪي سيريز ۾ نميبيا جي ٽيم کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽھ ملڪي سيريز ۾ نميبيا 91 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن بعد گڏيل عرب امارتن جي ٽيم 33 اوور ۾ 95 رنسون ٺاهي هدف پورو ڪري ورتو. نميبيا جي بيٽرن مان ربن ٽرمپلمن 31 رنسون ڪيون، زين گرين 24، مائيڪل وان لنگن 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، 4 بيٽر ٻڙي تي واپس ويا. يو اي اي جي بالرن مان ظهور خان، آيان افضل خان ۽ پلينياپن مئياپن 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن. يو اي اي جي بيٽرن مان آيان افضل 35، ورتيا ارونڊ 18، محمد وسيم ۽ سي پي رضوان 11،11 رنسون ٺاهيون، 6 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا. نميبيا جي بالرن مان ٽنگيني لنگميني 4 ۽ ربن ٽرمپلمن 3 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button