رانديون

انگلينڊ جو ليجنڊ فٽبال ڪمنٽيٽر جان موٽسن لاڏاڻو ڪري ويو

انگلينڊ جو ليجنڊ فٽبال ڪمنٽيٽر جان موٽسن لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق جان موٽسن جي وفات جي سببن جي ڏس ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ رڍ جي کل سان ٺاهيل ڪوٽ ۾ ڪمنٽيٽري ڪرڻ طور سڃاڻپ ٺاهيندڙ جان موٽسن 10 ورلڊ ڪپ، 10 يورپي ڪپ ۽ 29 ايف اي ڪپ جي ايونٽن سميت 2500 راندين جي مقابلن جي ڪمنٽيٽري ڪري پاڻ کي ليجنڊ طور اڳيان آندو. جان موٽسن 1968ع ۾ بي سي سي جي اسپورٽس شعبي ۾ نوڪري ورتي ۽ ڪمنٽيٽر طور 50 سال اداري سان گڏ رهيو. جڏهن تھ ڪيريئر جي آخري ڪمنٽيٽري 2018ع جي ميچ ۾ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button