رانديون

بروڪ ۽ روٽ سينچريون ٺاهي ورتيون، انگلينڊ جون 315 رنسون، 3 آئوٽ

انگلينڊ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ڏينهن 3 وڪيٽون تي 315 رنسون ٺاهي ورتيون، جن هن ۾ هيري بروڪ ۽ جو روٽ نيوزيلينڊ خلاف ٻي ۽ فيصلائتي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن تي ڌار ڌار سينچريون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ڪريز تي راند ختم ٿيڻ تائين موجود رهيا. ميڊيا مطابق ولنگٽن ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن نيوزيلينڊ جا بالر پهريون 3 وڪيٽون وٺڻ بعد انگلش بيٽرن آڏو بيوس بڻجي ويا. انگلينڊ جا اوپنر ريڪ ڪرائولي 2 ۽ بين ڊڪيٽ 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا ۽ اولي پوپ بھ 10 رنسن تي واپس ڊريسنگ روم ۾ هليو ويو. هوڏانهن جو روٽ ۽ هيري بروڪ جارحاڻي راند کيڏندي اسڪور کي وڌائي ڇڏيو، جن پهرين ڏينهن تي 285 رنسن جي وڏي ڀائيواري بھ ڪئي آهي. هيري بروڪ 5 ڇڪا ۽ 24 چوڪا هڻي 184 ۽ جو روٽ 7 چوڪن جي مدد سان 101 رنسن ٺاهي چڪا آهن ۽ راند ختم ٿيڻ وقت ڪريز تي بيٺل رهيا، جيڪي اڄ ٻيهر اننگز شروع ڪندا. هوڏانهن نيوزيلينڊ جي بالرن ميٽ هينري 2 ۽ ٽم سائودي هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button