رانديون

خرچن تي تڪرار: پي ايس ايل مقابلا پنجاب بدران ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو اصولي فيصلو

پي ايس ايل سيزن 8 جا رهيل مقابلا پنجاب بدران ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇوتھ پنجاب ۾ رٿيل مقابلن جي حوالي سان پي سي بي پنجاب حڪومت کي سندس ڪيل مطالبي تحت خرچن جي ادائيگي نھ ڪرڻ تي جو رٿي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مينيجمينٽ ڪاميٽي ۽ پي ايس ايل 8 جي فرنچائيزن سان ڌار ڌار ڪيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي تھ پنجاب حڪومت کي خرچ طور 45 ڪروڙ رپين جي ادائيگي نھ ڪئي ويندي ۽ کيس سڀاڻي تائين مطالبو واپس وٺڻ جي مهلت ڏني وڃي ٿي. ذريعن موجب اجلاسن ۾ طئي ڪيو ويو آهي تھ پنجاب حڪومت خرچن وارو مطالبو واپس نھ ورتو تھ پي ايس ايل جا پنجاب ۾ شيڊول مقابلا ڪراچي ۾ منتقل ڪيا ويندا، جنهن جي تياري پڻ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو تھ فرنچائيزن ۽ پي سي بي اختيارين ۾ اجلاسن دوران پي ايس ايل 8 جي نئين شيڊول تي پڻ مشاورت ڪئي وئي آهي، جنهن تي ٻنهي ڌرين اتفاق پڻ ڏيکاريو آهي. ذريعن اهو پڻ ٻڌايو تھ پي سي بي اهو پڻ فيصلو ڪري ورتو آهي تھ پنجاب حڪومت خرچن وارو مطالبو واپس نھ ورتو تھ نيوزيلينڊ خلاف شيڊول هوم سيريز پڻ پنجاب ۾ نھ ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button