رانديون

چيمپيئن ٽرافي نھ کٽڻ تي ناڪام ڪپتان سمجهيو ويس: ڪوهلي

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي اعتراف ڪيو آهي تھ چيمپيئن ٽرافي نھ کٽڻ تي ناڪام ڪپتان سمجهيو ويس. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ ٽيم منهنجي ڪپتاني ۾ 4 ڀيرا آئي سي سي ورلڊ ڪپ ۽ چيمپيئن ٽرافي جا ايونٽ کيڏي، پر ملڪ کي اعزاز نھ ڏياريو. هن چيو تھ رانديگر ٽورنامينٽ کٽڻ لاءِ کيڏندو آهي، بدقسمتي سان مون پاڻ کي ان حوالي سان نھ ڏٺو هو. ويرات ڪوهلي چيو تھ ٽيم ورلڊ ڪپ کٽيو، چيمپيئنز ٽرافي ماڻي، سيريز ۾ ڪاميابي ملي، پر مان انهن ايونٽس ۾ رانديگر طور شامل هئس. هن چيو تھ مان پنهنجي ماضي ڏي ڏسان ٿو تھ اهڙو اڳواڻ لڳندو آهيان، جنهن وٽ ڪا ٽرافي نھ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button