رانديون

قذافي اسٽيڊيم ۾ سيڪيورٽي لاءِ لڳل 8 ڪيمرا چوري، بيٽريون گم

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ سيڪيورٽي لاءِ لڳل 8 ڪيمرا چوري ٿي ويون آهن ۽ جنريٽرن جون بيٽريون بھ گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي تھ لاهور جي ميدان ۾ چوري ڄاڻايل ڪيمرائون پي ايس ايل جي سڪيورٽي لاءِ لڳايون ويون هيون. هوڏانهن انتظامي غفلت سبب اسٽيڊيم ۾ نصب ڪيل قيمتي فائبر جي تار بھ چور کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، اهڙي ريت ڪنريٽرن جون بيٽريون بھ غائب مليون آهن، جڏهن تھ پوليس واقعي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ورتا آهن، پر اڃا تائين ڪابھ گرفتاري نھ ٿي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button