رانديون

ڀارت ۾ ورزش دوران ڊبل روٽي ڳلي ۾ ڦاسڻ سبب باڊي بلڊر فوت

نئين دهلي: ڀارت ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، 21 ورهين جو باڊي بلڊر ڊبل روٽي ڳلي ۾ ڦاسڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب تامل ناڊو رياست جو 21 ورهين جو نوجوان رياستي سطح جي چيمپيئن شپ جي تيارين ۾ مصروف هو ته هن ورزش دوران وقفو ورتو ۽ ڊبل روٽي جو ٽڪرو کاڌو، پر جيئن ئي هن ٻيهر ورزش ڪرڻ شروع ڪيو ته ڊبل روٽي جو هڪ ٽڪرو نوجوان جي ڳلي ۾ ڦاسي پيو ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي سبب هو بيهوش ٿي هيٺ ڪري پيو. ڀارتي ميڊيا موجب نوجوان کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس فوت قرار ڏنو. رپورٽن مطابق نوجوان جي سڃاڻپ هري هرن جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو 70 ڪلوگرام جي ڪيٽيگري ۾ مقابلو ڪرڻ وارو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button