رانديون

عورتن جي نمائشي ميچن ۾ پرڏيهي ڪرڪيٽرز به شرڪت ڪنديون

لاهور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) دوران عورتن جي نمائشي ميچ ۾ پرڏيهي عورت ڪرڪيٽرز به شرڪت ڪنديون. عورتن جون نمائشي ميچون 8، 10 ۽ 11 مارچ تي راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون، اهي نمائشي ميچون پاڪستان سپر ليگ جي ميچن جي سائيڊ لائنز تي کيڏيون وينديون. ذريعن موجب ميچن لاءِ انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، آئرلينڊ، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي رانديگرياڻين سان به رابطو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميچن ۾ انگلينڊ جي ٽيمي بيمائونٽ، ڊاني وائيٽ ۽ لورين ونفيلڊ هيل جي شرڪت جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي لورا وولورڊٽ، آئرلينڊ جي لورا ڊينلي به پي سي بي سان رابطي ۾ آهن. ذريعن موجب بنگلاديش جي جهان آرا عالم، سريلنڪا جي چماري اتاپتو ۽ نيوزيلينڊ جي لي تاهوهو به شرڪت ڪندي. ان کان علاوه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ جي سوزي بيٽس ۽ آسٽريليا جي ٽيس فلنٽاف کي به آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button