رانديون

ڪراچي گيمز 2023ع ۾ محمد حسن ڪرڪيٽ ڪلب ميچ کٽي ورتي

ڪراچي گيمز 2023ع جا مقابلا جاري آهن، جنهن ۾ محمد حسن ڪرڪيٽ ڪلب 85 رنسن تان برائيٽ جيم خانا ڪلب کي شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق 20 اوورن جي راند ۾ محمد حسن ڪلب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 239 رنسون ڪيون، جنهن جي موٽ ۾ برائيٽ جيم خانا ڪلب جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 154 رڳو رنسون ٺاهي سگهي آهي. هوڏانهن منصورا گرائونڊ تي پهچي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ميچ ڏٺي آهي. هن جو چوڻ هو تھ ڪراچي ۾ گيمز سان مقامي طور صلاحيتن وارا نوجوان راندين ۾ سامهون ايندا، تنهنڪري هن قسم جا مقابلا ايندڙ وقت ۾ بھ ڪرايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button