رانديون

نيپال 22 رنسن تان يو اي اي کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيپال ٽھ ملڪي ون ڊي سيريز جي 128 ميچ ۾ 22 رنسن تان يو اي اي کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نيپال 8 وڪيٽن تي 229 رنسون ڪيون، جنهن ۾ ڀيم شرقي 70، عارف شيخ 43، ڪوشل مالا 32 رنسن سان نمايان رهيا. يو اي اي جي جنيد صديقي 3، روهن مصطفيٰ ۽ آريان لڪڙا 2،2 وڪيٽون ورتيون. موٽ ۾ يو اي اي 187 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ آصف خان 82، آريان لڪڙا 50 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نيپال جي سومپال ڪامي، دپيندر سنگهه ايري 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button