رانديون

ڀارت ون ڊي ورلڊ ڪپ بابت گهربل دستاويز اڃا جمع نھ ڪرايا

ڀارت جو ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي ون ڊي ورلڊ ڪپ بابت گهربل دستاويز آئي سي سي وٽ اڃا جمع نھ ڪرائي سگهيو آهي. ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ميزبان بورڊ کي ڊيڊ لائينز گذرڻ باوجود آئي سي سي کي ڪجهه بھ فراهم نھ ڪيو آهي، آئي سي سي قانون تحت ايونٽ جي ميزبان ملڪ کي لاڳاپيل دستاويز جمع ڪرائڻا هوندا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ آئي سي سي بي سي سي آئي کي ٽيمن، ميڊيا ۽ مداحن لاءِ ٽيڪس گهري هئي، پر ڀارتي قانون ۾ ٽيڪس ڇوٽ جي اجازت نھ هجڻ سبب بي سي سي آئي جواب نھ ڏنو آهي. هوڏانهن دبئي ۾ 20 مارچ جي اجلاس ۾ آئي سي سي ڀارتي بورڊ آڏو ٽيڪس جو معاملو کڻندو، مجموعي طور تي ڀارتي قانون ورلڊ ڪپ جي ميزباني کي ڏکيو بڻائي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button