رانديون

ڪراچي گيمز، هاڪي ۾ ڪياماڙي، اولهه ۽ ملير ميچ کٽي ورتا

ڪراچي گيمز ۾ ممختلف راندين جي مقابلن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ هاڪي جي ميچن ۾ ڪياماڙي، اولهه ۽ ملير ضلعن جي ٽيمن پنهنجي پنهنجا ميچ کٽي ورتا آهن. ميڊيا مطابق هاڪي جي پهرين ميچ ڪياماڙي ضلعي جي ٽيم 3 گول ڪري کٽي ورتي، سندس مقابلي ۾ ڪورنگي ضلعي جي ٽيم هڪ گول ڪري سگهي. اولهه ضلعي جي ٽيم سخت مقابلي ۾ 7 گول ڪري ڪاميابي ماڻي، سندس مخالف اوڀر ضلعي جي ٽيم 6 گول ڪيا. ٽين ميچ ۾ ملير ضلعي جي ٽيم جي رانديگرن 2 گول ڪري فتح ماڻي، سندس مقابلي ۾ ضلعي ڏکڻ جي ٽيم هڪ گول ڪيو. هوڏانهن عورتن جي هاڪي مقابلن ۾ اوڀر ۽ اولهه ضلعن جي ٽيمن ڪورنگي ۽ ملير ضلعن جي ٽيمن کي هارايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button