
پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش جي شهر ڍاڪا ۾ پنهنجي ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ پهتل ڪپتان بابراعظم سميت سموري اسڪواڊ جي رانديگرن ميدان تي فيلڊنگ، بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ ٽريننگ ڪئي آهي. هوڏانهن بالر ياسر شاهه آڱوٺي ۾ انجري سبب دوري ۾ شرڪت نھ ڪري سگهندو، ڇاڪاڻ تھ ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو آهي. جڏهن تھ ياسر شاهه پاڻ پڻ بنگلاديش وارو ٽوئر نھ ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي.