رانديون

ثانيا مرزا جي رٽائرمينٽ تي پارٽي، مڙس شعيب نظر نھ آيو

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي رٽائرمينٽ تي سندس مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني وئي آهي، جنهن ۾ سندس مڙس شعيب ملڪ نظر نھ آيو، جنهن تي مداحن ۾ جوڙي جي هڪٻئي کان پري رهڻ وارين ڳالهين ٻيهر ڪر کنيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ثانيا مرزا جي مان ۾ پارٽي 5 مارچ تي ڏني وئي، جنهن ۾ سندس پٽ اذهان مرزا ملڪ، والد، والدا، ڀيڻ ۽ ٻيا گهرڀاتي شريڪ ٿيا، ايستائين جو شوبز توڙي اسپورٽس سان تعلق رکندڙ ماڻهو ۽ دوست پڻ آيا، پر سندس مڙس شعيب ملڪ شريڪ ناهي ٿيو. پارٽي جون تصويرون شيئر ٿيندي ئي شعيب ملڪ جي غيرحاضري تي مداح حيران ٿي ويا، جن ڪمنٽس باڪس ۾ پاڻ ئي سوال اٿاريا ۽ جواب بھ ڏنا، هڪ مداح سوال ڪيو تھ شعيب ملڪ ڇو شريڪ ناهي، ٻئي مداح چيو تھ پتي ديو پاڪستان ۾ پي ايس ايل کيڏي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button